سسئ جي دُعا
 

                                              سُهڻي جي دُعا ٻڌڻ لاءِ هيٺ ڏنل بٽڻ دبايو.


                                              دعا مير حسن ٻڌڻ لاءِ هيٺ ڏنل بٽڻ دبايو.



                                                                  لطيفي دُعا


دُعا عربي زبان جو لفظ آهي ، جنھن جي لغوي معنى آهي ته التجاء، آه و پڪار آهي ، هر دُعا عبادت جي مڪمل ٿيڻ کانپوء الله سائين جي در تي گُھري ويندي آهي، دعا ۾ اندر جون پُڪارون آهون، رڙيون، خواهشون الله سائين جي در تي انسان ڪندو آهي، دُعا جو مطلب نيڪ خواهشن جو اظھار کي به چوندا آهن، بدُعا به گھري ويندي آهي، اگر ڪنھن جي دل آزاري ته، دعا جو ذڪر قرآن شريف ۾ 54 دفعا ڪيو ويو آهي، ڪنھن به مشڪل ۾ ڦاسڻ مھل مالڪ سائين کان دعا گھري ويندي آهي، ته جئين الله تعالى اوهان کي هر مصيبتن کان محفوظ ڪري،بيمارن کان پڻ دعا گھرائبي آهي،فقيرن، ولين، بزرگن کان به دُعا جي اُميد گھرائبي آهي ، جيڪي بندا عبادتون ڪندا آهن، اُنھن جي التجاء الله تعالى نه موٽائيندوآهي، انسان هتي دنيا ۾ تمام گھڻو ڪمزور پيدا ٿيل آهي،هُو هر وقت ٻاڏائيندو رهندو آهي،انھي ڳالھه مان اُهو ثابت آهي ته ڪنھن به قسم جي ڏکيائي کان بچڻ جو رستو دُعا آهي، دُعا جو لفظ زبان تي ايندئي انسان جي اندر ۾ احساس جو هڪ اٿل پٿل جو وهڪرو پيدا ٿي ويندو آهي، ائين کڻي چئجي ته انسان پنھنجين غلظين کي تسليم ڪري مالڪ سائين جي اڳيان ٻاڏائيندو رهندو آهي، ڏٺو وڃي ته غلظين جو احساس ٿيڻ ته انسانيت جو پيدا ٿيڻ آهي، ڪتاب صحيح مسلم ۾ دعا جي باري 218 حديثون موجود آهن،ڪتاب بخاري شريف ۾ 350 دفعه دعا جو ذڪر ڪيو ويو آهي، سڀني حديثن جي ڪتابن جو حوالو نٿو ڏيئي سگهجي،حضور اڪرم جن دعائون گُھريون آهن ۽ الله تعالى جي ٻين نبين سڳورن به دعائون گھريون آهن،پنھنجي امت کي سڌي رستي تي آڻڻ جي لاء، دعا تقدير جي تبديلي به ڪارآمد نسخو آهي، توبه تائب ٿي انسان مالڪ جي اڳيان جُھڪڻ جو فن ماڻي وڃي ته زندگي گذارڻ آسان ٿي پوي ٿي، هيٺائين جو هنر ته عام زندگي جي لاء به ڪم جو آهي، انسان پنھنجي ٻنھي هٿن کي پاڻ ۾ ملائي، ٻُڪ جھلي مالڪ حقيقي جي در تي ايمان رکي ڌڻي در ٻاڏائيندو رهندو آهي، دعا انھن جي قبول ٿيندي آهي جن جا هٿ نه هوندا آهن دعا ۾ عاجزي جو هجڻ لازمي هوندو آهي، جيتري هيٺائين هوندي اُوتري ئي دعا جي قبوليت جي پڪ هوندي آهي، نماز کانپوء، ذڪر کانپوء دعا گھري ويندي آهي، انسان پنھنجي احساسن جو هڪ ڀنڊار کولي مالڪ اڳيان ويھندو آهي، انسان هتي مجبور ۽ بيوس آهي، دعائون گھري دل کي تسڪين ڏيندوآهي، اميد ۽ توڪل جي وچ ۾ جئيڻ کي فقراء فقيري عقيدو چوندا آهن،


پاٽ پھرين رات جو، ڳڙهه پاسي ڳايو
ٿيو غلغلو گرنار ۾ ، ڪو عطائي آيو
سالڪ ساز سرود سين، ڪئين جو ڪمايو
ٻيجھل ٻولايو، ماري آهيان مڱڻو

گھرڻ جو انداز به ضرور اچڻ گھرجي ، اهڙو سائل جنھن جي صدا تي ڏتار ڏيڻ تي مجبور ٿي پوي، پر اسان کي اسان جي سائين ٻڌايو آهي ته ڏيڻ وارو ته ڏيڻ لاء تيار آهي پر گھرڻ واري جو انداز صحي ناهي، جيڪر اسان کي اُهو طريقو اچي وڃي ته اسان صرف مالڪ جي محتاجي کانسواء ڪنھن محتاج نه هجون ها، حضرت سيد شاهه سائين جن فرمائين ٿا ته


ڏاتار ڏک ڪيا، پاڻان مٿي منڱڻي
مون در ڇڏي منڱڻا، منڱين ڪوهه ٻيا؟
تڏهين تو پيا، وچان ولھا ڏينھڙا

فقير هر وقت مالڪ کي ريجھائڻ لاء دعائون گھرندا رهندا آهن، الله سائين جي نبين سڳورن ۽ الغرض ٻئين مخلوقن به مالڪ سائين جي در تي ٻاڏايو آهي ، امامن سڳورن، اصحابه رسول ،ولين، بزرگن، غوثن ، قطبن ، قلندرن ڌڻي سائين جي در تي دعائون گُھريون آهن، اهڙي ريت اسان جي مرشد سرڪار، هادي ،رهبر حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن به الله سائين جي در تي بيحد ٻاڏايو آهي، شاهه سائين جن جي فڪر لطيف ۾ دعا وڌ کان وڌ گھري وڃي ٿي، دعايا بيت پڻ سائين جا چيل آهن، سائين جي فڪر لطيف ۾ دعا تقريبن رسالي جي سڀني سُرن ۾ موجود آهي، بيتن سان گڏ وايون به پڻ چيل آهن، حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن جي رسالي ۾ بي انتھاء دعايا بيت آهن ۽ سائين جي راڳ ۾ ٻه دعائون گھريون وينديون آهن، هڪ سھڻي جي دعا، ٻئي ماروي جي ، درگاهه شريف تي نماز فرض جي دعا کان پوء ذڪر ڪري به دعا گُھري ويندي آهي، ۽ نماز جي آخر ۾ به دعا گھري ويندي آهي، ذڪر حلقي ڪرڻ کانپوء به دعا گھري ويندي آهي ، سائين جي در وازي کي معمور ڪرڻ يعني بند ڪرڻ مھل به ذڪر ڪري دعا گھربي آهي ، صبح جي وقت فجر نماز کان اڳ۾ دروازي کولڻ مھل به دعا گھري ويندي آهي، ان کان علاوه ذڪر جي وائي کان پوء به دعا گھربي آهي ، سماع جي ذڪر ڪري ضرب هڻي وڏي اوطاق تي به دعا گھري ويندي آهي، پوء جڏھن فقير وڏي اوطاق تان نڪري سماع لاء درگاهه جي طرف ويندا آهن ته سماع جي ذڪر ڪرڻ کانپوء به سماع وارو فقير دعا گھرندو آهي، الله جي در عاجزي لطيف سرڪار جي درگاهه شريف هميشه جاري رهندي آهي، پر هتي فقر جو طريقو عام صوفي درگاهن کان گھڻو مختلف آهي، ڏينھن ۾ پنج دفعا نماز ۾ ذڪر کانپوء دعا، راڳ ۾ ٻه دعائون، روضي حضرت سيد شاهه عبدللطيف ڀٽائي جي کُلڻ ۽ بند ٿيڻ جون ٻه عائون،حلقي جي دعا مغرب جي نماز کانپوء ، گھري ويندي آهي، عام طرح سان انسان جي دعا لاء ڪو به قانون ٺھيل ناهي پر لطيفي فڪر جي طريقت ۾ دعا جي لاءهڪ قانون موجود آهي،


منھنجي مدائين جي، ڪَل پريان پئي
ڪڏهن ڪوسا نه ٿيا، ڏوراپو ڏيئي
ساجن سڀئي، ڍڪيم ڍول ڍلائيون

سائين جن فرمائين ٿا ته ”منھنجي عيبن جي مالڪ کي سڀ خبر آهي ، پوء هُو ناراض نٿو ٿئي ، مالڪ سائين منھنجا عيب سڀ ڍڪيا آهن“ اوهان ٿورو غور ڪري ڏسندا ته اسان انساني ته عيبن ڀريل آهيون، هي ته مالڪ جا ڪرم آهن، جنھن اسان جا ڏوهه لڪائي اسان کي معاشري ۾ عزت بخشي آهي، نت اسان ته پنھنجي عيبن کان واقف آهيون جيڪي اسان جو حال آهي، پر اسان کي لطيف سرڪار جن ٻڌائين ٿا ته ڪھڙي ريت مالڪ سائين در سوال ڪجن،مقصد جي پورائي تائين انسان مالڪ جي در ٻاڏائيندو رهندو آهي ، اسان جي سرڪار مرشد اسان کي اهڙا ڪيئي، طريقا ڏسيا جن جي ذريعي اسان مالڪ حقيقي کي راضي ڪري سگھون ٿا، جئين ته


ليلائي نه لھين ، تان پڻ ليلائيج
آسرو مَ لاهيج، سڄڻ سٻاجھو گھڻو

سائين جن فرمائين ٿا ته ، هڪ دفعو ليلائي نٿو لھين تب وري به ليلاء ، مالڪ در ٻاڏائيندو رهندين ته مقصد پورو ٿي ويندو ، الله سائين جي در تي ڪابه کوٽ ناهي،سڀن، حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن جي دعا ۾ ٽه تسبيعيون آهن، پھرين تسبيع ۾ الله سائين در صدائون، ٻئي تسبيع ۾ حضور اڪرم ص جن جي وسيلي سان دعا ڪئي ويندي آهي، ٽين تسبيع ۾ شاهه سائين جي معرفت سان الله جي دعا گُھري ويندي آهي، هتي مڪمل تفصيل لطيفي دعايا بيتن جو ڏيڻ ممڪن ناهي، مختصر مٿي بيان ٿيل آهي، سائين جي دعا هن طرح گھربي آهي ،سائين جي راڳ ۾ هڪ سھڻي جي دعا، ٻئي ماروي جي دعا آهي


پھرين تسبيع
هٿ کڻجو ! الله جي رحمت ڏي
رب منھنجا پنھنجي ستاري ڪجائين
سوالين جا سوال پورا ڪرين ،
جن جا جھڙا موچارا مقصد،
تن جا تھڙا پورا ڪرين محابي پنجتن جي،
بيت
جيڏو تنھنجو نان، ٻاجھه به اوڏيائي منڱان
ري ٿنڀين ري ٿوڻيئين، ڇپر تون ڇان
آئون ڪڄاڙو ڪھان، توکي معلوم سڀڪا
بيت
مَ ڪر ڍول ڍلو، ناتو نماڻي سين
ڪونھي ڪميڻي جو، بگر تو بلو
تنھنجو نان، نلو وٺيو ويي آھيانن
ياڪريم به رحمت يا ارحم راحمين
ٻئي تسبيع
الله جي الھى جو خير، محمد جي بادشاهي جوخير
آل نبي اولاد علي جو خير،
فقراء جماعت جو خير، ساري امت جو خير ڪرين
بيت
جي مان موڙهي مَتَ تون پاڻ سڃاڻي سپرين
اصل اوائين جا عيب ڍڪين تون ات
پرين تنھنجي پت، ولھيون ڍڪڻ ولھا
وائي
ڍَڪ ڍَڪيندو ، مون نه ڇڏيندو،شفيع شافع سپرين!
انڌا اونڌا آکڙيا، سڀ نڀائي نيندو
وٽان ويچارن تان، داڙون پاڻ دڙيندو
جي ڏوهارين ڏاکڙا، لڪ سي لنگھائيندو
نور ناڪارو نه ڪري،محمد منٿ مڃيندو
هِت به حامي هيڻن جو،اڳيان هادي هٿ ڌريندو
طھورا تئين کي ، پانڊپ پياريندو
تنبوآڻي تاء ۾، عاصين وٽ اڏيندو
داتا دوزخين جو ، لينگھو لھرايندو
رَسڻ ويل رَسي ڪري ، مشڪ رنگ مٽيندو
رحمته للعالمين،اُهکي اُتي آڳه ٿيندو
اُتي عبداللطيف جو، هادي هٿ جھليندو
به رحمت يا ارحم راحمين، آمين
ٽي تسبيع
ڪريم لطيف جي بادشاهي جوخير،
ڪريم لطيف جي فقرا جماعت جوخير
مئين صاحب جو خير
مئين صاحب جي پٽن پوٽن جو خير،
ڀائرن ڀائٽن جو خير ڪرين،
تن جي صدقي جي آسائو ويسائو آيا آهن
انھن جا مقصد پورا ڪرين محابي پنجتن جي
قرض وارن جا قرض لاهين، عرض وارن جا غرض ڪرين
نالي مٺا بي اولاد ڏجائين،
بي دين کي ڏجائين ، بي رزقن رزق ڏجائين
بي ساڃاهن کي ساڃاهه ڏجائين ، محابي پنجتن جي
رکي وٺجائين حاڪم جي حڪم کان،
ظالم جي ظلم کان قبر جي ڪھڪاء کان
سوکي سڪرات ڪلمي لڏائين،
ڪنھنجو محتاج نه ڪجائين محابي پنجتن جي
منھنجا هادي ڏينھن محشر جي،
پنھنجي فقراء جماعت ۾ داخل ڪرين واسطي حسين پاڪ جي
فقير گُر جو خير ڪرين ، دَلڪ جو پردو ڪرين ،
سانگ مَ لڄائين سانگ جي ڍڪ ڍڪجائين
استاد گُر جو خير ڪرين نه ڪرين
نالي مٺا ڪکن ۾ لکاء نه وجھين محابي پنجتن جي

آخر ۾ الحمد شريف پڙهبي آهي، هي دعا راڳ جي آخر ۾ پڙهي ويندي آهي.