پيڙهين وارا فقير
حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جي حاضري ڪرڻ وارا، پيڙهين وارا فقير
گذريل ٽي سئو سالن کان حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جن جي درگاهه تي راڳي فقير هر روز راڳ آلاپي رهيا آهن ۽ دنيا وارن کي امن سلامتي ۽ ڀائيچاري جو پيغام پهچائي رهيا آهن. ان ۾ پيڙهين وارن فقيرن جي به اوتري ئي خدمت شامل آهي، جيڪي هر وقت سندن ۽ سندن محبوب مرشد جي حاضري ۾ پيش پيش هوندا آهن، پوءِ ڀلي ڏينهن هجي يا رات، سردي هجي يا گرمي. پيڙهين وارا فقير اُهي فقير آهن جيڪي راڳي فقيرن جي ويهڻ جي جاءِ ٺاهيندا آهن، مطلب ته پيڙها ٺاهيندا آهن. پيڙها ، رلين کي چئبو آهي جيڪي راڳي فقيرن جي ويهڻ واري جاءِ تي وڇايا ويندا آهن.



