راڳي فقيرن جا دؤر
جمع جي رات جا دؤر
فقير تمر جو پهريون دؤر (1165--1144ھه)
1۔ (اڳواڻ) فقيرتمر رحمته الله عليه
2۔ فقير ميون ولي محمد
3۔ فقير سيد نقي شاهه
4۔ فقير هاشم علي رهاڻ پوٽو
5۔ فقير عرس ساند (راڳين جوخدمتگار)
ٻيو دور فقير تمر جي (ڪڇ ۾ هجڻ وقت) غيرحاضري وارو دؤر (1165-1177 ھه)
1۔ (اڳواڻ) فقير ميون ولي محمد
2۔ فقير سيد نقي شاهه
3۔ فقير هاشم علي رهاڻ پوٽو
فقير تمر جوٽيون دؤر (1165-1177 ھه)
1۔ (اڳواڻ) فقيرتمر رحمته الله عليه
2۔ فقير ميون ولي محمد
3۔ فقير سيد نقي شاهه
4۔ فقير هاشم علي رهاڻ پوٽو
چوٿون دؤر ميين ولي محمد وارو (1181-1215 ھه)
1۔ (اڳواڻ) فقير ميون ولي محمد
2۔ فقير ميون ڪمال پٽ
3۔ فقير يعقوب شهيد
4۔ فقيرميون اسماعيل
پنجون دؤرميين ڪمال پٽ وارو (1215-1225 هه)
1۔ (اڳواڻ) فقير ميون ڪمال پٽ
2۔ فقير يعقوب شهيد
3۔ فقير ميون اسماعيل
4۔ فقيرميون عثمان
ڇهون دؤريعقوب شهيد وارو (1225-1245 هه)
1۔ (اڳواڻ) فقير يعقوب شهيد
2۔ فقير ميون اسماعيل
3۔ فقير ميون عثمان
ستون دؤرميين اسماعيل وارو (1245-1262 هه)
1۔ (اڳواڻ) فقير ميين اسماعيل
ٻين فقيرن جي نالن جي معلومات نه ملي سگهي آهي
اٺون دؤرالياس فقير پنهور وارو (1262 ـــ1290 هه)
1۔ (اڳواڻ) فقير الياس پنهور
2۔ فقير مراد ٻگهيو
3۔ فقير رحيم ڏنو راهو
4۔ فقيرخليفو لائق ڏنو
نائون دؤرمراد فقير ٻگهيي وارو (1290 ــ 1304 هه)
1۔ (اڳواڻ) فقير مراد ٻگهيو
2۔ فقير ڪيهر لنجواڻي
3۔ فقير رحيم ڏنو راهو
4۔ فقيرلائق ڏنو
ڏهون دؤرڪيهر فقير لنجواڻي وارو (1304- 1334هه )
1۔ (اڳواڻ) فقير ڪيهر لنجواڻي
2۔ فقيرخليفو لائق ڏنو
3۔ فقير ابراهيم خاصخيلي
4۔ فقيرالله بچايو لنجواڻي
5۔ فقير پير علي بخش شاهه
6۔ فقير تاجو وساڻ
7۔ فقير يوسف ٻگهيو
يارهون دؤرخليفي لائق ڏني وارو (1338-1348 هه)
1۔ (اڳواڻ) فقير خليفو لائق ڏنو
2۔ فقير ابراهيم خاصخيلي
3۔ فقير الله بچايو لنجواڻي
4۔ فقير يوسف ٻگهيو ”گهنڊ“
5۔ فقير عيسو ٻگهيو
ٻارهون دؤرابراهيم فقير خاصخيلي وارو (1348-1378 هه)
فقير حاجن نظاماڻي
(لطيف سائين جو عاشق راڳائي فقير ابراھيم خاصخيلي )
ساٿي سفر ھليا، ٿيا سڻاوا سير
لطيف سائين جي فڪر ، فلسفي ، راڳ ۽ رسالي تي ڪم ڪندڙ ن ، فقيرن جو نہ کٽندڙ سلسلو اڃان تائيم جاري آھي ، جيڪو اڳ کان ھلندو اچي پيو، پر اسان جنھن شخصيت جي باري ۾ اڄ ھڪ ننڍڙي ڪچھري ڪنداسين اھو آھي ، لطيف سائين جو يگانو عاشق فقير ابراھيم خاصخيلي جنھن پنھنجي حياتي مرشد لطيف سائين کي بغير لالچ جي ارپي ڇڏي ، نہ صرف ايترو پر پنھنجي خاندان کي بہ لطيفي ساٿ سان سلھاڙي ڇڏيو ، فقير جي رھائيش ڀٽ شاھ شھر جي ھئي، فقير ابراھيم خاصخيلي ، فقير ڪيھر لنجواڻي جو پيارو شاگرد ھو، فقير ابراھيم جي اڳواڻي جو دور 1929ع کان 1958 ع وارو دور چيو ويندو آھي ، فقير ابراھيم جي وفات 1961ع ڌاري ٿي ، سندس قبر يارو فقير واري قبرستان ۾ آھي ، فقير ابراھيم جي راڳ جا ٻہ دور ٿي ، گذريا آھن، جن ۾ فقير الھبچايو لنجواڻي ، فقير محمد اوڏ، (ڀٽي)، فقير محبت لنجواڻي ، فقير الھڏنو خاصخيلي (پٽ)، فقير محرم خاصخيلي (پٽ)، فقير ميرو لنجواڻي ، فقير سيد غلام شاھ لطيفي، فقير مولابخش خاصخيلي(پٽ)، فقير قاسم خاصخيلي ۽ ڪجھ ٻين فقيرن بہ مختصر عرصو فقير سان گڏ راڳ ڳايو ھو
تسبيع من مڻيو، دل دنبورو جن
تندون طلب جون ، وحدت سُر وڄن
وحدہ لاشريڪ لہ، اھو راڳ رڳن
سي سُتا ئي سونھن ، ننڊ عبادت ان جي
ان کان علاوہ فقير ابراھيم خاصخيلي جو پوٽو، فقير مولابخش جو پٽ لطيفي راڳ جو بھترين راڳائي ، فقير گل محمد عرف گلڻ خاصخيلي آھي ، فقير گلڻ آچر رات لطيف سائين جي رات جي راڳ جو اڳواڻ آھي ، فقير گُلڻ خاصخيلي دنيا جي ڪيترين ئي ملڪن ۾ لطيف راڳ جي فن جو مظاھرو ڪري چڪو آھي ، پنھنجي ابن ، ڏاڏن جي روحاني سفر جو روح روان بہ آھي .
ڀَلي ڪر ٿيوم، ھي سنڱ ٻاروچن سين
وڃي ڪيچ ڏٺوم ، پٺي لڳي جن جي
لطيفي راڳ ۾ فقير ابراھيم خاصخيلي وارو راڳ جو دور پُرڪشش ۽ لطيفي راڳ ۾ واڌاري وارو دور بہ ڪوٺيو وڃي ٿو، فقير ابراھيم جي راڳ ٻڌڻ لاء ماڻھو جمع جي رات جو انتظار ڪندا ھئا ، پوء فقير سيد غلام شاھ لطيفي سائين ، لطيفي راڳ کي ھر ھنڌ عام ماڻھو تائين پھچائڻ لاء ڏينھن رات ڪوششون ڪيون، فقير ابراھيم خاصخيلي کان اڳ وارو دور جا فقير، فقير ڪيھر لنجواڻي ، فقير سيد پير علي بخش شاھ ، فقير تاجو وساڻ ، فقير عيسو ٻگھيو، فقير يوسف (گھنڊ) ھئا، فقير يوسف جو آواز ڳرو ھوندو ھو، فقير چون ٿا تہ دنبوري تي فقير راڳ نہ ڳائيندو ھو، ھميشہ ڪن ۾ ھٿ وجھي ڳائيندو ھو ، ان ڪري سندس ڪن جي پاپڙي وڏي ٿي ويئي ھئيس، فقير عيسو ٻگھيو ، ڪجھ وقت لطيفي راڳ ڇڏي ويو۽ وساڻن جي ڳوٺ ۾ وڃي ويٺو تہ فقيرن ، ھڪ بيت عيسي فقير لاء ٺاھيو ،
محبت ويئي ملڪ مان، ڪلفت پئي ڪاھي
عيسو دنبورو لاھي ، وڃي ويٺو وساڻن ۾
فقير ابراھيم خاصخيلي ، پنھنجي لطيفي راڳ ۾ جيڪا ڌاڪ ڄمرائي بيمثال خدمت ڪئي ، پر ھي ڳالھ ھتي تائين نٿي بيھي لطيف سائين جي ھر عاشق راڳائي فقير پنھنجي پاڻ سڃاڻپ اھڙي مڃرائي ،جنھن جو ھُو پاڻ مثال ھوندو ھو، فقير تمر سائين، فقير ميئون ڪمال (پَٽَ)، فقير يعقوب (شھيد)، فقير محمد اسماعيل کاھوڙي، فقير الياس پنھور، فقير مراد ٻگھيو، فقير ڪيھر لنجواڻي ، فقير لائق ڏنو تمراڻي، فقير سيد پير علي بخش شاھ عرف علڻ سائين، فقير ميھار تمراڻي ، فقير ابراھيم خاصخيلي ، فقير سيد غلام شاھ، سيد نورمحمد شاھ، فقير ميرل سائين ، فقير الھبچايو تمراڻي ، ھي اُھي فقير آھن جيڪي نامور ۽ اڳواڻ ھئا ،ھي اُھي فقير آھن جيڪي پنھنجو وارو وڄائي ويا ، پر جيڪي ھنن وقت بہ پنھنجي مرشد سان ناتو نڀائي رھيا آھن ، انھن جو عشق بہ اعلى آھي.
صُبح جو ثمر، جاڳندن جھجو ڪيو
پاڻ ڳالھ پئي ڪئي فقير ابراھيم خاصخيلي جي ، جنھن ڪڏھن بہ دنيا جي ڪمن ڪارن کي لطيفي راڳ تي ڪڏھن بہ حاوي ٿيڻ نہ ڏنو، ھميشہ مرشد جي ڪلام سان پنھنجي وجود جا، سڀ جا سڀ رشتا قائم ڪيا ، فقيرن چون ٿا تہ پنجن کان ڇھن ڪلوميٽرن تائين فقير ابراھيم جو راڳ بغير لائوڊ اسپيڪرن جي صاف صاف ٻڌڻ ۾ ايندو ھو، ڳوٺ اجن شاھ جي ڀرسان جيڪو ھالا شھدادپور جي روڊ تي آھي اُتي جا ماڻھو جمع جي رات ، کوہ جي ڀرسان نکون وڇائي، سڄي رات راڳ ٻُڌندا ھئا، فقير غلام حسين نظاماڻي ، لطيف سائين جو عاشق فقير ھو ، جنھن جي پنھنجي شاعري بہ آھي ، چوندو ھو تہ اسان پنھنجي ڳوٺ بخشيو نظاماڻي ، جيڪو ٽنڊو آدم ڀر ۾ آھي ، اُتان درگاھ شريف لطيف سائين تي پنڌ ايندا ھئاسين ، تہ ڳوٺان نڪرڻ سان ئي لطيفي راڳ جا آلاپ سندن ڪنن تي پھچندو ھو، بابا سائين فقير غلام حيدر نظاماڻي جن بہ ٻڌائيندا ھئا تہ فقير ابراھيم آواز ۾ لطيفي عشق سمايل ھو ، جمع جي رات درگاھ تي ننڊ ۾ سُتل ماڻھو روئي پوندا ھئا
• رڃن ۾ رڙ ٿي، جھڙي ڪري جوء
ڪي ماڻھو چون ٿا تہ پاڻي جي ڍورن ۽ وڻڪار جي سببان ايترو راڳ جو پر ي ويندو ھو، پر فقير ابراھيم کي لطيف سائين سان لازوال عشق ھو، چون ٿا تہ فقير ابراھيم ، درگاھ لطيف سائين کان علاوہ ڪنھن ٻئي راڳ نہ ڳايو، چوندو ھو تہ آئون پنھنجي مرشد جي اڳيان راڳ ڳائيندس، باقي ٻئي ڪنھن جي اڳيان ھرگز لطيفي راڳ نہ ڳائيندس ، عقيدي ۽ عشق جو ڪمال جو، مولانا جلالدين رومي جو قول مشھور آھي تہ عشق حقيقي ھجي يا مجازي ھجي ، ٻنھي ۾ شرڪ جي جاء ناھي.
عشق ناھي راند ، جيئن کيڏنس ڳڀرو
فقير ابراھيم ، جيئن ئي مرشد جي راڳ جي حاضري تي ويھندو ھو تہ سڄي رات نہ اٿندو ھو، جيڪا لطيفي فقيرن جي طريقت آھي، ڪيڏانھن ڪنڌ بہ نہ ڦيرندو ھو، پاڻي جو لوٽو فقير رکي ويھندو ھو ، فقير وٽ مرشد جي راڳ عشق جي انتھاء ھوندي ھئيس ، بيتن سان گڏ پاڻي سڄي رات پئيندو رھندو ھو، العشق نار اللہ وارو ڪم ھو يعني عشق اللہ جي باھ آھي ، فقير چون ٿا تہ سنھو ، ڪلي وارو آواز لطيفي راڳ ۾ شامل ٿيڻ وارو دور بہ سندس ھئس ، فقير ابراھيم واري دور کان ، اڳ لطيفي راڳ گرام ۾ يعني کَرج واري صورت ۾ پيش ڪيو ويندو ھو ، ان ڳالھين جي تحقيق ، تحقيدان ڪندا ،اسان جي ھن ڪچھري جو مقصد فقيرن جي ڳالھين کي سانڍڻ آھي ، جيڪي وقت سان گڏ ميسارجن پيون ، فقير ابراھيم خاصخيلي باري ۾ ھڪ مشھور واقعيو پنھنجي زندگي جو سائين سيد غلام حيدر شاھ جن ٻڌائيندا ھئا تہ آئون چاچا سيد غلام شاھ کان لطيفي راڳ سکندو ھئس، ھڪ ڏينھن اسان جي اوطاق تي فقير ابراھيم خاصخلي آيو، منھنجي والد محمد جڙيل سائين، ابراھيم فقير کي چيو تہ منھنجو وڏو فرزند غلام حيدر شاھ ، لطيفي راڳ سکي رھيو آھي ، فقير ابراھيم جي راڳ ۾ سڃاڻپ ۽ منفرد مقام ھو، انڪري سڀ فقير، فقير ابراھيم جو راڳ ۾ نالو عزت سان وٺن ٿا، سائين غلام حيدر شاھ چيو تہ مونکي بابا چيو تہ اوھان فقير ابراھيم کي ڪجھ راڳ ٻڌايو ، مون راڳ ڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ، پر آواز وات مان نہ نڪتو، فقير ابراھيم کلڻ لڳو ۽ چئين تہ سائين ڀلو ٿيو، ڀلو ٿيو، فقير ابراھيم خاصخيلي راڳ ۾ جيڪا دھشت عشق واري ڏني ان جي ڳالھ ڳچ آھي ، فقير چون ٿا تہ ، فقيرميرو لنجواڻي پويون وقت فقير ابراھيم سان راڳ گڏ ڳايو ھو، فقير ميروچوندو ھو تہ فقير رات جي سنھجي کان پوء جئين، جئين آڌي رات ٿيندي ھئي تہ فقير جي مستي مان راڳ ڳائيندو ھو ، سمجھ ۾ نہ ايندو ھو تہ ھي آواز ڪٿان ٿو اچي ، فقير جي پنھنجي مرشد جي در کان ٻئي پاسي ڪنڌ ڦيرائي نہ ڏسندو ھو ، فقير ابراھيم جي دور ۾ جمع جي رات مجال آھي جو درگاھ تي زائرين ھُل يا ھنگامون ڪن ، سڄي خلق ھڪ ڪن ٿي راڳ ٻڌندي ھئي، فقير ابراھيم جي ڪيل لطيفي راڳ جي خدمتن ۾ ھڪ ننڍڙي آرٽيڪل ۾ لکڻ ناممڪن آھي ، ڪنھن ٻئي وقت تفصيل سان فقير جي ڪيل خدمتن جو ذڪر ڪبو، فقير چون ٿا تہ ، فقير جي ساھ جو آخري وقت ھو، فقير ابراھيم اک کولي پڇن لڳو تہ اڄ ڇاجي رات آھي ؟، جواب ۾ سندس پٽ چيو تہ بابا اڄ سومر جي رات آھي ، فقير ابراھيم چيو تہ آئون جمع جي رات ھن دنيا مان ويندس، فقير چون ٿا تہ ، فقير سائين غلام شاھ چوندو ھو تہ اسان جمع جي رات دنبورا ٺاھي رھيا ھئاسين تہ فقير ابراھيم جو جسد خاڪي وڏي اوطاق تي کڻي آيا ، جتي لطيفي گودڙي پارائي لطيفي ذڪر جون ضربون ھنيون ويون ، جيڪا لطيفي طريقت آھي ۽ پوء جنازي نماز فقير ابراھيم خاصخيلي جي وڏي اوطاق ۾ ادا ڪئي ويئي ، فقير ابراھيم جي آخري آرامگاھ يارو فقير جي مقام ۾ لڳ درگاھ شريف تي آھي .
موڙھو ڀُڻين مڱڻان، ڪيڏانھن ھوئين ڪالھ
لنگھا ڇڏ لطيف چئي ، اُجھڻ جا افعال
سَپڙ دَر سوال، ڪر تہ قيمت آڻين
Shermuhammed447@gmail.com
1۔ (اڳواڻ) فقير ابراهيم خاصخيلي
2۔ فقير پير علي بخش شاه
3۔ فقير الله بچايو لنجواڻي
4۔ فقيرتاجو وساڻ
5۔ فقير يوسف ٻگهيو ”گهنڊ“
6۔ فقير عيسو ٻگهيو
7۔ فقير محمد اوڏ
8۔ فقير محبت لنجواڻي
9۔ فقير ميرو لنجواڻي
10۔ فقير سيد غلام شاهه
11۔ فقير الله ڏنو خاصخيلي
12۔ فقير محرم خاصخيلي
>
تيرهون دؤرفقير غلام شاهه وارو 1957-1975 ع)
1۔ (اڳواڻ)فقير غلام شاهه
2۔ فقيرلائق ڏنو
3۔ فقير الله بچايو
4۔ فقير مير محمدلنجواڻي ”ميرو“
5۔ فقير جلال لنجواڻي
6۔ فقيرنور محمد شاهه
7۔ فقير ميرل شاهه
8۔ فقير محمد ”تمراڻي“
چوڏهون دؤرفقير نور محمد شاهه وارو (1975-1977 ع)
1۔ (اڳواڻ)نور محمد شاهه
2۔ فقيرلائق ڏنو
3۔ فقير الله بچايو
4۔ فقير مير محمدلنجواڻي ”ميرو“
5۔ فقير جلال لنجواڻي
6۔ فقير محمد ”تمراڻي“
پندرهون دؤر فقيرالله بچايو لنجواڻي وارو (1977-2004 ع)
1۔ (اڳواڻ)الله بچايو تمراڻي
2۔ فقيرجلال لنجواڻي
3۔ فقير غلام حيدر شاهه
4۔ فقير غلام محمد تمراڻي
5۔ فقير علي بخش تمراڻي
6۔ فقير رسول بخش تمراڻي
7۔ فقير محرم تمراڻي
8۔ فقير علي ڏنو تمراڻي
9۔ فقير طالب حسين تمراڻي
سورهون دؤر فقيرسيد جمن شاه وارو(2004-2015 ع)
1۔ (اڳواڻ)فقير سيد جمن شاهه
2۔ فقيرمير حسن تمراڻي
3۔ فقير علي ڏنو تمراڻي
4۔ فقير رسول بخش تمراڻي
5۔ فقير محرم تمراڻي
6۔ فقير غلام محمد تمراڻي
7۔ فقير طالب حسين تمراڻي
8۔ فقير قادربخش خاصخيلي
ڇنڇر جي رات جا دؤر
ڇنڇر جي رات جا دؤر
۔1۔ فقير قربان علي لنجواڻي (اڳواڻ)
۔2۔ فقير سُکيو لنجواڻي
۔3۔ فقير نادر علي لنجواڻي
۔4۔ فقير غلام رسول لنجواڻي
5.فقير پنهون ڀٽي
آچر جي رات جا دؤر
آچر جي رات جا دؤر
۔1۔ فقير جڙيل لنجواڻي (اڳواڻ)
۔2۔ فقير کٻڙ خاصخيلي
۔3۔ فقير مصري جلالاڻي
۔4۔ فقير خان محمد چانڊيو
5. فقير جيئڻ خاصخيلي
6ـ فقير جُواڻ ڇڄڙو
7ـ فقير مجيد مُهاڻو
8ـ فقير قادر بخش خاصخيلي
9ـ فقير راڻو خاصخيلي
سومر جي رات جا دؤر
سومر رات جو پهريون دؤر
۔1۔ فقير پير غلام شاهه( اڳواڻ )
۔2۔ فقير حسين شاهه
۔3۔ فقيرعلي نواز شاهه
۔4۔ فقيراحمد لغاري
سومر رات جو ٻيو دؤر
۔1۔ فقير موسو راهو( اڳواڻ )
۔2۔ فقير احمد تمراڻي
۔3۔ فقيرمحمد بخش خاصخيلي
۔4۔ فقيرجانوخاصخيلي
۔5۔ فقير عمر تمراڻي
سومر رات جو ٽيوندؤر
۔1۔ فقير مير حسن تمراڻي( اڳواڻ )
۔2۔ فقير قادرڏنوٿهيم
۔3۔ فقيرڪامل ٿهيم
۔4۔ فقيرمحمد سوڍڙو
۔5۔ فقير خير محمد ملاح
اڱاري جي رات جا دؤر
اڱاري جي رات جا دؤر
1ـ فقير تاج محمد لنجواڻي (اڳواڻ)
2ـ فقير گل محمد شاهه
3ـ فقير پيرو ملوخاڻي
4ـ فقير جمعو ميربحر
5ـ فقير دِلُو لنجواڻي
6ـ فقير محمد رحيم شاهاڻي
اربع جي رات جا دؤر
اربع رات جو پهريون دؤر
۔1۔ فقير محرم خاصخيلي( اڳواڻ )
۔2۔ فقير احمد مهاڻو
۔3۔فقيرمولابخش خاصخيلي
۔4۔ فقيرجمال مهاڻو
۔5۔ فقير قاسم خاصخيلي
اربع رات جو ٻيو دؤر
۔1۔ فقير چڀڙ خاصخيلي
۔2۔ فقير مولا بخش خاصخيلي
.3.فقير قاسم خاصخيلي
.4.فقير جمال ميربحر
اربع رات جو ٽيون دؤر
۔1۔ فقير قادربخش خاصخيلي( اڳواڻ )
۔2۔ فقير سيد ميرل شاهه
۔3۔فقير بهزاد شاهه
۔4۔ فقيرنظام علي کوسو
۔5۔ فقير ناظم علي لنجواڻي
۔6۔ فقير امام بخش ڀنگوار
۔7۔ فقير شهمير سنگراسي
۔8۔ فقير شوڪت شاهه
خميس جي رات جا دؤر
خميس رات جو پهريون دؤر
۔1۔ فقير خان محمد نظاماڻي ( اڳواڻ )
۔2۔ فقير غلام حيدر نظاماڻي
۔3۔فقيرالله ڏنو نظاماڻي
۔4۔ فقيرسانوڻ جلالاڻي
۔5۔فقير گل محمد پهوڙ
۔6۔فقير ڍوليو نظاماڻي
۔7۔فقير جانو نظاماڻي
۔8۔فقير الله ڏتو نظاماڻي
۔9۔فقير فضل ڇڄڙو
خميس رات جو ٻيو دؤر
۔1۔ فقير غلام حيدر نظاماڻي (اڳواڻ)
۔2۔ فقير الله ڏنو نظاماڻي
۔3۔ فقير سانوڻ جلالاڻي
۔4۔فقير الله ڏتو نظاماڻي
۔5۔ فقير قمبر جلالاڻي
۔6۔ فقير گل محمد پهوڙ
۔7۔ فقير منٺار جوڻيجو
۔8۔ فقير غلام محمد نظاماڻي
۔9۔ فقير شير محمد لاکو
۔10۔فقير سوڀو خاصخيلي
۔11۔ فقير سائين بخش نطاماڻي
۔12۔ فقير خان محمد لنجواڻي
۔13۔ فقير حاجي شير محمد(حاجن) نظاماڻي
خميس رات جو ٽيون دؤر هلندڙ
۔1۔ فقير قمبر علي جلالاڻي( اڳواڻ )
۔2۔ فقير حاجي شير محمد (حاجن) نظاماڻي
۔3۔ فقير غلام محمد (ڏاڏو) نظاماڻي
۔4۔ فقير سائين بخش نظاماڻي
۔5۔ فقير بشارت علي لنجواڻي
۔6۔ فقير حسين بخش نظاماڻي
۔7۔ فقير ڍول نظاماڻي
۔8۔ فقير صوڀو خاصخيلي
۔9۔ فقير عمران نظاماڻي
۔10۔ فقير وجاهت علي لنجواڻي
۔11۔ فقير صدام حسين لاکو



