وڏي اوطاق جا فقير
حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جا خليفا (تمر فقير جا گادي نشين)
1ـ حضرت فقير تمر رحمته الله عليه
2ـ فقير ميون ڪمال پٽ
3ـ فقير يعقوب (شهيد)
4ـ فقير ميون اسماعيل (کاهوڙي)
5ـ فقير عبدالله
6ـ فقير لائق ڏنو
7ـ فقير ميهار
8ـ فقير لائق ڏنو
9ـ فقير علي ڏنو (موجوده)
۔1۔ تمر فقير
۔2۔ فقير عارف ٿيٻو
۔3۔ فقير محمد رحيم
۔4۔ خليفو محمد عالم ڏيرو
۔5۔ فقير وڳند
۔6۔ فقير عبدالجميل انڙ
۔7۔ فقير بچُو
۔8۔ سيد سائين ڏنو
۔9۔ فقير عمر سهتو
۔10۔ فقير قاسم
۔11۔ فقير احمد سمون
۔12۔ فقير رهمون
۔13۔ فقير عنايت وساڻ
۔14۔ فقير وهيون
۔15۔ فقير محمد صالح
۔16۔ فقير سومر لاڙڪ
ان کان علاوه شاهه سائين جي ٻين فقيرن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
* فقير عبدالواسع سالارو
* فقير سکر ڏيرو
* فقير اسماعيل سمون
* فقير سيد نهال شاهه
* فقير اسماعيل ڏيرو
* فقير اجن ڏيرو
* فقير ڪمال
* فقير نور محمد ابڙو
اهي سڀئي شاهه سائين جي خدمت ۾ رهندا هئا. ان کان علاوه مائي صالحان تنيو ۽ مائي بُوا وساڻ حويلي جو ڪم ڪار ڪنديون هيون.

ڀٽ جي فقيرن جي روايت موجب تمر فقير ذات جو “ سالاريو” هو ۽ سندن وڏا کنڊو لڳ ويٺل هئا. جتي هن وقت ڳوٺ “ بلند شاهه جو سالارو” آهي. “ شالارو” سائي گاهه جو وي جو نالو آهي. ۽ اتي جا رهندڙ “ هالا” قوم جا ماڻهو “ سالاريا” سڏجڻ لڳا. تمر فقير به “ هالا” قوم مان هو. خليفي تمر فقير جا مائٽ قديم وقت کان وٺي سيد حبيب شاهه جا مريد هئا، ۽ شاهه سائين حيات هو جو هو حرمين شريفين هليا ويا. جڏهن موٽي آيا ته اچي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جي قدم بوسي ڪيائون ۽ سندن والد بزرگوار (شاهه حبيب جيڪي وصال ڪري ويا) جي فاتحه ڪيائون. هڪ ننڍو ڇوڪرو جيڪو انهن مريدن سان هو ، تنهن جي ٻانهن شاهه سائين جي حوالي ڪيائون. شاهه سائين وڏي پيار سان ڇوڪري کان پڇيوته: ابا تنهنجو نالو ڇا آهي؟ چيائين ته: حاجي علي. شاهه سائين جن فرمايو ته بابا اهو نالو ته “ مرشدن جي مرشد” حضرت علي ڪرم الله وجهه جو آهي. باقي تنهنجو نالو آهي “ تمر” ڇو جو تون عرب ۾ کجي (تمر) جي وڻ هيٺيان ڄائو هئين. ۽ ان وقت عرب عورتن پنهنجي عربي ۾ مٺي آواز سان پئي آلاپيو ته


