حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جن جو دنبورو
تن تسبيح من مڻيو دل دنبورو جَن
تندون جي طلب جون، وحدت سُر وڄن
وحده لاشريڪ له، ِاهو راڳ رڳُن
سي سُتا ئي سُونهن، ننڊ عبادت اُن جي
(شاهه سائين رحمته الله عليه)
حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جن جو رسالو ، طريقت ، راڳ دنيا جو نرالو ۽ روحانيت ڀريل آهي. حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جن جي بيتن کي پڙهڻ سان سماع جي احديت جي ذڪر ڪرڻ سان انسان کي قلبي (روحاني) سڪون ملي ٿو، اهڙي ريت حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جو راڳ ٻڌڻ سان قلب روحانيت سان ڀرجي وڃي ٿو. اندر جا غم ۽ وهم انسان وساري الله سان تعلق مضبوط بڻائي ٿو.
حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جن جي راڳ جو تعلق سنڌي ٻولي سان آهي ، پر موسيقي جي زبان بين الاقوامي ٻولين ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي. حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جن جو دنبورو توحيد جي پنجن تندن سان سلهاڙيل آهي، هر تند مان نڪرندڙ ” تُون تُون “ جو آواز الله جي توحيد بيان ڪري ٿو. ٻڌڻ واري کي نه رڳو هي آواز ڪنن تائين پهچي ٿو پر هن توحيدي تند جي پهچ دل ۽ روح تائين ٿئي ٿي. ٻڌندڙ ۽ وڄائيندڙ کي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. پنهنجو هئڻ وڃائي ويهن ٿا.
حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جي دنبوري جو تعلق روح ۽ دل سان آهي ، جهڙي ريت ذڪر ڪيو وڃي ٿو . انهي رمز سان هي راڳ پڻ ڳايو وڃي ٿو. تقريبن ٽي سئو سالن کان هلندڙ حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جو راڳ بنا ڪنهن وقفي جي هلي رهيو آهي. ٽي صديون گذرڻ جي باوجود راڳ بند نه ٿيو آهي. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جو راڳ ٻڌندڙن ۾ ڏينهن و ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي. اهڙي ريت راڳ آلاپيندڙن جو دائرو پڻ وڌي رهيو آهي. حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جي راڳ ۽ دنبوري جو تعلق الله پاڪ جي توحيد سان آهي. دنبوري جي تندن جو آواز الله جي توحيد جي ”تُون تُون“ ڪري نشاندهي ڪري ٿو. حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جو راڳ به ٻي موسيقي جيان طريقيڪار سان آلاپيو وڃي ٿو. حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جي دنبوري ۽ راڳ جو تعلق دنياوي نفساني موسيقي سان هرگز نه آهي.ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ، محرم الحرام جي نائين ۽ ڏهين تاريخ تي به شاهه سائين جي درگاهه تي دنبوري جي تنوار سان توحيدي راڳ آلاپيو وڃي ٿو. حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه هي دنبورو ڪاريگر ”موتي“ ۽ ”گوپال“ کان جوڙايو. حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جي دنبوري ۾ تُون تُون جي تنوار انسان جو تعلق مالڪِ حقيقي (الله تعالى) سان جوڙي ٿي.

هي دنبوري جي تندن کي مٿين پاسي کان جهلين ٿيون. ڳيٽيون ڪاٺ جون ٿين ٿيون، هنن جو مٿيون پاسو کجي وڻن جيان هجي ٿو. ۽ ان مٿين حصي کان هيٺ وچ واري جاءِتي تندن کي جهلڻ لاءِ سوراخ هجي ٿو جيڪوتند کي جهلڻ لاءِ ڪم اچي ٿو.۽ هيٺيون حصو گول هجي ٿو.جيڪو سنگ ۾ ٿيل سوراخ ۾ قابو ٿيل هونديون آهن. دنبوري جي ٺاهڻ يعني سُرن ۾ ملائڻ لاءِ هنن ڳيٽين جو اهم ڪردار آهي. ڳيٽين جو تعداد به پنج آهي جيڪي پنجني تندن کي جهلين ٿيون.
سنگ دنبوري ۾ مٿئين پاسي هجي ٿو.سنگ ۾ ڳئيٽيون، جهلون، يعني تندن سرن ۾ ملائڻ وارا آج جا ٽڪرا هجن ٿا. جهوڙ موتين بهسنگ ۾ ٻڌجي ٿو. هي سنگ دنبوري کي وڄائيندڙ لاءِ ڪلهي جي ڀر يعني ٻانهن تي رکڻ جو حڪم ڏي ٿو. هن سنگ ديال جي ڪاٺ جو هجي ٿو
(گلو) هڪ ڪاٺ جو ٽڪروجيڪو سرينهن يا شيشم يعني ٽالهي جو هجي ٿو.گلو جو مٿيون پاسوسنگ کي جوڙي هيٺ طنبي کي ملائي ٿو.هيٺيون پاسو گلو جو لکيل هجي ٿو. طنبي جي طرح سان انهي ڪاٺ جي ٽڪرو گلو چئبو آهي. بظاهر هن جي موجودگي عام نظر نه ايندي مگر ڪاريگر جنهن وقت دنبورو ٺاهيندو آهي. ان وقت هن جي بناوٽ جو خاص خيال رکندو آهي ان ڪري جي بناوٽ جو فرق دنبوري جي آواز تي تمام گهڻو ٿيندو آهي
طنبو ڪاٺ جي ننڍڙن ٽڪرن سان جڙيل هجي ٿو. انهن ڪاٺ جي ٽڪرن کي (تکڙو) چئبو آهي. تکڙن گول شڪل جي ملائڻ سان طنبو هجي ٿو
ٿاري هڪ ڪاٺ جي وڏي پليٽ هوندي آهي جيڪا تکڙن جي گول طنبي جي مٿان لڳائي ويندي آهي. ٿاري م مٿئين پاسي ( گهوڙي) يعني تندن جي گڏيل جهل آواز لاءِ لڳل هوندي آهي
يعني اهڙي ڪاٺ جي جهل جنهن مان دنبوري جو پنجئي تندون مٿان گذرن. هن ڪاٺ جي ٽڪر کي گهوڙي يا جهل چئبو آهي. هن جي مٿئين پاسي تند لاءِ سنها سوراخ هوندا آهن. ترتيب سان تندون هنن مان گذرن ٿيون.پوءِ پستنگ ۾ طنبي جي تندن جوڙي قابو ڪبوآهي
پُستنگ جي جاءِ طنبي جي هيٺيان هوندي آهي پُستنگ آج جو اڇو هوندو آهي هن جي مٿين اڀريل پاسي سنها (5) پنج سوراخ هوندا آهن جن سوراخن ۾ تندن کي هيٺين پاسي قابو ڪبو آهي.
جهُوڙ ٻن ٽڪنڊن تي مشتمل هوندو آهي، جنهن کي هيٺيان وچ ۾ مٿان موتين جون مالائون لڳل هونديون آهن، هي دنبوري جي سنگ ۾ ڳيٽيئن جي هيٺيان ٻڌبو آهي . دنبوري ۾ سونهن جي علامت طور ٻڌل هوندو آهي.
هي لوهي سنهي تند سان ٺهيل هجي ٿو. اڳيان وريل تند ساڄي هٿ جي (شاهد) يعني پهرئين آڱر تي اڳيان چاڙهي. تندن کي وڄائڻ جي ڪم اچي ٿو. هن (ڇلي) جو هيٺيون پاسو هٿ جي آڱر تي قابو چڙهيل هوندو آهي ڇلي کانسواءِ دنبورو نه وڄي سگهندو آهي.

